Khali Jhoola Jhula Ky Lyrics Urdu
Khali Jhoola Jhula Ky | Gopang Brothers | Muharram New Noha 2026 | Tribute to Mukhtyar Ali Shedi =================== ظالم جو ھي شهر آ ناھي وطن سڪينہؑ گهران شام ۾ مان ڪنهن کان، تنهنجو ڪفن سڪينہؑ ۱ احساس ڪجان منهنجو پرديس ڀيڻ آھي مجبور آھيان ھيڪل ناھي ڪو سڄڻ سڪينہ 2 جي وطن ۾ مرين ھا مُلھ موت جو پوي ھا آباد اڄ ھجي ھا، منهنجو چمن سڪينہ 3 ڪجان معاف ڀيڻ مون کي، مان پاڻ بہ قيدي ھان ڪئين پاڻ قڀر ٺاھيان، ڪئين ڪيان دفين سڪينہؑ 4 زنجير لھي ويندا آزاد توڙين ٿيندُس ھائے ڏاڍو ڏکيو ٿيندو، منهنجو وسڻ سڪينہؐ 5 چولي جو ڪفن تنهنجو، مونکي خون ٿو روئاري جوھر لاھي نہ سگھيم، تنهنجا رسن سڪينہ =====================