Khali Jhoola Jhula Ky Lyrics Urdu
Khali Jhoola Jhula Ky | Gopang Brothers | Muharram New Noha 2026 | Tribute to Mukhtyar Ali Shedi
===================
ظالم جو ھي شهر آ ناھي وطن سڪينہؑ
گهران شام ۾ مان ڪنهن کان، تنهنجو ڪفن سڪينہؑ
۱
احساس ڪجان منهنجو پرديس ڀيڻ آھي
مجبور آھيان ھيڪل ناھي ڪو سڄڻ سڪينہ
2
جي وطن ۾ مرين ھا مُلھ موت جو پوي ھا
آباد اڄ ھجي ھا، منهنجو چمن سڪينہ
3
ڪجان معاف ڀيڻ مون کي، مان پاڻ بہ قيدي ھان
ڪئين پاڻ قڀر ٺاھيان، ڪئين ڪيان دفين سڪينہؑ
4
زنجير لھي ويندا آزاد توڙين ٿيندُس
ھائے ڏاڍو ڏکيو ٿيندو، منهنجو وسڻ سڪينہؐ
5
چولي جو ڪفن تنهنجو، مونکي خون ٿو روئاري
جوھر لاھي نہ سگھيم، تنهنجا رسن سڪينہ
=====================
Comments
Post a Comment