Header Notification

JAAN E HUSSAIN LYRICS | ASGHAR WELL THI AA LYRICS | 2023 1445 HD

 

JAAN E HUSSAIN | ASGHAR WELL THI AA | 2023 1445 HD


Reciter: Jane Hussain
Originaly Reciter: Zamin Ali
Poet: Ashique Hussain Mahar
Audio : Zamins Studio
Edit : Akbar Shaikh
Central Ideas: Zamin Ali
Producer: Zamin Ali
Dop & Director: Shuja Rind
Label: Zamin Ali Official
*******************************************************************
Lyrics
اصغر توکي ننڊ نه ايندي,ماء نه جيسين لولي ڏيندي

اصغر ويل ٿي آ لعل توکي لولي ڏيڻ جي
ماء کي سڪ آهي لڳي توکي ڏسڻ جي

تير سان توکي پاڻي پياريئون
ماء تنهنجي کي جيئري ماريئون
ناهي تمنا ڪا مون کي پاڻي پيئڻ جي

مون ٿي سمجهو گهوٽ تون ٿيندي
وڇڙي نه ٻچڙا هيئن تون ويندي
تنهنجي ٻچا هئي نه عمر هيئن وڃڻ جي

اس ۾ ويٺي توکي ساريان
واٽون تنهنجون روئي نهاريان
ياد اچي مون کي پنهنجي سهڻي سڄڻ جي

ڪهڙي خطا هئي تنهنجي اصغر
توتي هلايو تير ستمگر
ايڏي سزا توکي ملي پاڻي گهرڻ جي

تون وئين پياسو اصغر جاني
ناهي ڪا مون وٽ تنهنجي نشاني
ناهي تمنا ڪا مون کي هاڻي جيئڻ جي 

خيمي جي در تان توکي ڏٺم پي
تو لئه رب کان دعائون گهريم پي
تنهنجي ڏٺم پياسا ٿي مون راھ اچڻ جي

عاشق ضامن اصغر جو غم
ماء ڪيو ٿي روئي هر دم
چوندي رهي مون کي آ سڪ توسان ملڻ جی

Post a Comment

0 Comments