Header Notification

ZAMIN ALI DEEWAR E KAABA LYRICS ديوارِ ڪعبه | RAJAB EXCLUSIVE QASEEDA 1444 2023 |HD

 

ZAMIN ALI DEEWAR E KAABA LYRICS ديوارِ ڪعبه | RAJAB EXCLUSIVE QASEEDA 1444 2023 |HD


ZAMIN ALI DEEWAR E KAABA LYRICS :
ديوار ڪعبه ۾ ڪمال ٿيو آ در
ڪمال ٿيو آ در وڏو ڪمال ٿيو آ در

مڪي شھر ۾ رب جي آ گهر ۾
رب جي آ گهر ۾ نازل ٿيو حيدر

شان علي جو رب آ وڌايو ڄاڻي جهان ٿو
ديوار ڪعبه جو نه مٽيو جيڪو هو نشان ٿيو
ديوار ڪعبه اڄ به گواه آ
اڄ به گواه آ ڀڳل پٿر

صاحب سيف و قلم آ حيدر نور مجسم
حيدر جي مدحت ۾ رڌل آ جبرئيل هر دم
جبرئيل جو به استاد آهي
استاد آھي ڪعبي جو گوهر

دار تي ميثم پڙھندو رهيو حيدر جو قصيدو
موت کي ماري ويو ڪري ظاهر پنهنجو عقيدو
ڪري علي علي ڏئي ويو زبان به
ڏئي ويو زبان به ڪٽائي پنهنجو سر

بحر سخا مولا حيدر آ شاه مردان
مشڪل ڪشا ناصر عالم جو ڪل ايمان
رب جي نبي جي هر دم هو لب تي
هر دم هو لب تي نصرت علي ڪر

عاشق ضامن حيدر جو نه دامن ڇڏبو 
ڪل ڪفا جي در جو نوڪر ٿي سدا رهبو
ڪوچه حيدر جو سگ سڏائي ويو
سگ سڏائي ويو مست قلندر

Post a Comment

0 Comments